اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ور??رز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي، ح??ومت جون همدرديون ميڊيا ور??رز سان گڏ آهن، صحافين ۽ ميڊيا ور??رز کي مليل قانوني تحفظ تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ور??رز جي جبري برطرفين جي حوالي سان پيمرا چيئرمين سان پڻ ڳالهه ٿي آهي جڏهن ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٽپهر ٿيندو، ان مسئلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سان پڻ ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته قانون تحت جيڪي به قدم ممڪن ٿيا، اسان کڻنداسين، ح??ومت جون همدرديون ميڊيا ور??رز سان گڏ آهن، ميڊيا ور??رز ۽ صحافين کي ??يڪو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. ان کان اڳ سينيٽ اجلاس دوران صحافين سينيٽ جي پريس گيلري مان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري برطرفين جي معاملي تي واڪ آئوٽ ڪيو هو.
صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب