ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چ??نڊ??ن 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، اليڪشن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين. اها ڳالهه هن اطلاعات واري صوبائي نگران وزير احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئ??. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطي جي ڪا کوٽ نه هجي، ان حوالي سان صوبائي اطلاعات وارن وزيرن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين. هن چيو ته ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چ??نڊ??ل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته وڏا پاليسي فيصلا ڪرڻ چ??نڊ??ل پارليامينٽ جو ڪم آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي آهي، ان کانپوءِ کان حالتون خراب نه ٿين، اسان بهتر حالت ۾ ملڪ چ??نڊ??ل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چ??نڊ??ن ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي ۽ اسان اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي مدد فراهم ڪري ??هي?? آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪراچي جا ڪيترائي دورا ڪيا آهن، نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪيو، هتي قيام به ڪيو ۽ واپارين سان ملاقات پڻ ڪئي. اڄ به نگران وزيراعظم ڪراچي جو دورو ڪري رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو صوبن ۽ مختلف شهرن ۾ وڃڻ جو سٺو رڪارڊ آهي، توهان ايترو دوست وزيراعظم ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته سيڪيورٽي جا خدشا هر اليڪشن ۾ ??هي?? آهن، 2008ع ۾ اليڪشن مهم دوران اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي هئي، 2013ع جي چ??نڊ?? ۾ به سيڪيورٽي جو چئ??ينج موجود هو. هن چيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا صورتحال پيدا ناهي ٿي جنهن کي اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪنٽرول ناهن ڪري سگهيا.
چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ