اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم 8 ۽ 9 نومبر تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان فلسطين جي حوالي سان ڳالهائيندي ??يو ته ??اڪ??تان کي فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل جي قابض فوج فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري ر??ي آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قومن کي غزه ۾ گهيراءُ جي خاتمي، بمباري ر??ڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت?? ظلم جاري آهن، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميرين ت?? ظلم جاري آهن. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون ??اڪ??تان ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهره بلوچ چيو ته ??اڪ??تان ۾ غيرقانوني طور تي ر??ندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. ??اڪ??تان هڪ مهينو اڳ غيرقانوني طور تي ر??ندڙ غيرملڪين کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اي سي او جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل