اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪرا??ي ۾ بحرين جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ثاقب رئو?? سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني سفارتخانا پاڪستان مان هنرمند ليبر فورس جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڪم ڪن. صدر چيو ته پاڪستان کان قابل قدر مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نامزد سفير بحرين سان ٻطرفي واپار ۽ افرادي قو?? جي درآمد تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ هنرمند افرادي قو?? جي گهرج وڌي رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير کي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ بحرين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستاني سفارتخانا پاڪستان مان هنرمند ليبر فورس جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڪم ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس