اسلام آباد – 25 – جو??اءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ج??رل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ٽيليفون ڪال سوئيڊن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مسلسل واقعن جي پس منظر ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير توهين آميز ڪاررواين جي مذمت ڪئي جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن او آءِ سي جي ج??رل سيڪريٽري کي 6 جو??اءِ 2023ع تي پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد ۽ 7 جو??اءِ 2023ع تي سڄي پاڪستان ۾ تقدس قرآن ڏهاڙي ملهائڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪو تحفظ قرآن جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته او آءِ سي ج??رل سيڪريٽري جي سرپرستي ۾ ان قابل مذمت ڪاررواين فوري جواب ڏئي رهي آهي. هن 2 جو??اءِ 2023ع تي جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس ۽ اجلاس کانپوءِ جامع پڌرنامو جاري ڪرڻ تي او آءِ سي کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ان معاملي تي هنگامي وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ ج??رل سيڪريٽري کي ان سلسلي ۾ ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي بابت آگاهه ڪيو. او آءِ سي جي ج??رل سيڪريٽري اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيندي گڏيل قومن ۾ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ج??رل سيڪريٽري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي قابل مذمت لهر کي روڪڻ جي لاءِ او آءِ سي جي سمورن قدمن ۾ فعا?? طور تي حصو وٺڻ جي لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم