حيدرآباد-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حي??رآباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي فواد غفار سومرو ضلع?? جي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻ?? جي نيڪالي وا??ي عمل جي نگراني ڪن. پنهنجي آفيس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي پريشانين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ عملو سنجيدگي ۽ دلچسپي سان پنهنجا فرض ادا ڪن. هن، حي??ڪو اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي وا??ا جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي بنا رنڊڪ بجل?? جي فراهمي کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته جنريٽر تي پمپنگ مشينن کي فعال رکڻ جي صلاحيت فقط 25 سيڪڙو هوندي آهي ۽ پاڻ?? جي نيڪالي وا??و ڪم پڻ متاثر ٿيندو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي فراهم ڪندڙ فيڊرن کي فعال رکڻ لاءِ ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حي??رآباد چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ بلڊنگس کاتو سرڪاري ڪالونين ۽ سوسائٽيز مان برساتي پاڻ?? جي نيڪالي جا ذميوار آهن تنهنڪري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون سميت سمورا لاڳاپيل عملدار پاڻمرادو برساتي پاڻ?? جي نيڪالي وا??ن ڪمن جي نگراني ڪندا ۽ انشاالله ماڻهن جي جانين ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آندا ويندا.
امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻي جي نيڪالي واري عمل جي نگراني ڪئي وڃي: ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي ضلعي جي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II