اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ا??رائيل عالمي خاموشي سان حوصلو وٺي ۽ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جيڪو ڪ??هه ڪري رهيو آهي اهو بنا ڪنهن شڪ ۽ عملي طور تي جنگي ڏوهه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنين پناهگير ڪئمپ ۾ اس??ائيلي فضائي ۽ زميني ڪاررواين جي نتيجي ۾ 5 ٻارن سميت 12 فلسطينين جي شهادت دنيا لاءِ شايد رڳو انگ اکر هجن، پر اهي ماڻهو گوشت ۽ رت سان ٺهيل انسان آهن، جن کي پنهنجي بنيادي حق جو مطالبو ڪ??ڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ا??رائيلي فضائي حملن سان هزارين پناهه وٺندڙن جي ڪئمپ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿيڻ جا منظر عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهندا.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا