اسلام آب??د ?? 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما سان ??لا??ات دوران ڪيو. طارق بشير چيما وزيراعظم کي آبادگار پئڪيج تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ فصلن جي حوال?? سان وزارت جي منصوبابندي جي حوال?? سان آگاهه ڪيو. هن وزارت جي ايندڙ مال?? سال ۾ زرعي شعبي ۾ جدت ۽ ميڪنائيزيشن جي حڪمت عملي جي حوال?? سان پڻ بريفنگ ڏني. ??لا??ات دوران وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت ڪمند، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي بهترين امدادي قيمت سان آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو ي??يني بڻايو، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن جي لاءِ آبادگارن سان گڏجي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندي.
پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں