اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) ماحولياتي ??بديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته موسمياتي ??بديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي ضرورت آه??، موسمياتي ??بديلي ۾ سراسري اضافو ٿي رهيو آهي پر عالمي رد عمل سستي ??و شڪار آهي، جنهن سبب مستقبل ۾ مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ ٽئين سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان سيشن ۾ موسمياتي ??بديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته تازي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ جو نقشو بدلائي ڇڏيو، گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان موسمياتي ??بديلين جي زد ۾ رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي ??بديلين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو گرمي پد مسلسل ٽن سالن کان شدت اختيار ڪندو رهيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ ۽ موسمياتي ??بديلين جي حوالي سان عالمي ذميواري جي حوالي سان گهڻ رخي فريم ورڪ جي حوالي سان به اجلاس ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 2022ع ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ڏٺي. پاڪستان جو چوٿون حصو ٻڏي ويو، ٽي ڪرڙ 30 لک ماڻهو سڌا سنوان متاثر ٿيا ۽ پاڪستان کي اربين ڊالرن جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿيو. هن چيو ته دنيا تيزي سان موسمياتي ??بديلين جي وڌندڙ خطرن سان گڏ روايتي ??ريقن سان مقابلو نٿي ڪري سگهي، اسان کي گهرجي ته عالمي ادارا ۽ ملڪ گڏجي ان معاملي تي ??نجيدگي سان قدم کڻن. هن چيو ته پاڪستان ”ڪاپ 27“ ۾ عالمي برادري کي اهو باور ڪرايو ته موسمياتي ??بديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي سطح جو فنڊ قائم ڪرڻ ضروري آهي جنهن تحت ”لاس اينڊ ڊيميج“ فنڊ قائم ڪيو ويو جيڪو غريب ملڪن کي قدرتي ??فتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪندو جنهن ڪري ان کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري ن??ز بلوچ ، نيشنل ٽاسڪ فورس ايس ڊي جيز ، ايم اين اي رومينه خورشيد عالم، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين، اومان جي رياستي ڪائونسل جي ڊپٽي اسپيڪر شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماحولياتي ??بديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ متاثر ملڪن کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻي پوند??، ماحولياتي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اومان جي حڪومت سرگرم آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا موسمياتي ??بديلي جي خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، اومان ۾ شمسي توانائي جا 3 وڏا منصوبا لڳايا ويا آهن جنهن سان ماحول دوستي ??جلي پيد?? ٿي رهي آهي ان موقعي تي ??يخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا مسئلا اومان کان مختلف آهن جنهن لاءِ ڌار قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سيشن کي پاڪ شام پارلياماني فرينڊشپ ڪميٽي جي چيئرمين منطاهر ابراهيم ۽ ماحولياتي ??بديلي بابت سرگرم ميمبر زينب وحيد پڻ خطاب ڪيو ۽ موسمياتي ??بديلي سبب پيد?? ٿيل چئلينجن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، سيشن ۾ ڀائراڻي ملڪن جي سفارتي نمائند، يونيورسٽين ۽ مدرسن جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.
موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی