اسلام آباد- 08 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پائيدار ۽ ماحول دوست گهرن جي تعمير جي حوصلا افزائي لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن ۽ معيشت کي 1.2 کرب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آ??ي، ان لاءِ اهو ض??ور?? آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ گرين هائوسز کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيون پاليسيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ٻوڏ ۽ آبهوا جي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، پاڪستا?? ۾ ??هري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آ??ي ۽ اهو رجحان برقرار رهيو ته مستقبل ۾ 60 سيڪڙو آبادي شهري علائق?? ۾ ??هندڙ هوندي تنهن ڪري اهو ض??ور?? آهي ته شهر?? ۾ ??هتر ميونسپل سروسز سان گڏ پائيدار اربنائيزيشن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن شهري آبادين تي دٻاءُ گهٽ ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ اسلام آباد چيمبر آف ??امرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پهرين انٽرنيشنل هائوسنگ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو 8 کان 11 ڊسمبر 2022ع تائين جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اعزازي مهمان طور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تعميراتي صنعت جو معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ حڪومت نجي شعبي جي مشاورت سان تعميراتي صنعت جي بهتر ترقي لاءِ وڌيڪ ساز گار پاليسيون جوڙين. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي سيڪريٽري افتخار علي شانواني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماڻهن کي سستا گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي تنهن ڪري حڪومت نجي شعبي جي تعاو?? ۾ ??ن طرف اڳڀرائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله، اسپين سف??رت??اني جو نمائندو، آءِ سي سي آءِ جي اڳوڻن صدرن، ايگزيڪيٽو ميمبرن، نمائش ڪندڙ ۽ بزنس ڪميونٽي جو هڪ وڏو انگ موجود هو.
گرين هائوسز جي هٿي وٺرائڻ لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس