اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اق??ال چيو آهي ته ٻوڏ جي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄو ملڪ گڏ ٿيو آهي، سمورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو آهي، ٿڌ جي موسم کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ متاثرن کي اڃا به امداد جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ قوم گڏ??ي ان جذبي سان پا??ستان کي اڳتي وٺي ويندا، ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ ۾ اين ايف آر سي سي جو ڪردار مثالي رهيو آهي. نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، محنت ۽ پنهنجي وسيلن جو استعمال ڪندي نقصانن جو ازالو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ پا?? فوج سميت سمورا فورسز ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن مثالي ڪم ڪيو. ٻوڏ کانپوءِ ريسڪيو ۽ رليف بحاليءَ جي سرگرمين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڄي قوم طرفان اين ايف آر سي سي جي پوري ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديليءَ جي مستقبل جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي گهڻ رُخي حڪمت عملي بڻائي آهي جنهن کي ڊونرز ڪانفرنس ۾ عالمي برداريءَ آڏو پيش ڪنداسين. ٿڌ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثرن کي اسان ??ي امداد جي ضرورت آهي، سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ ادارا پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکن. نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اق??ال سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم پا??ستان ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اق??ال جي لاڳيتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اين ايف آر سي سي جي جه??ڊي هيٺان سمورا قوم?? ادارا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ عالمي امداد?? ادارا ٻوڏ کانپوءِ بحالي لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي سندن شڪرگذار آهيون.
ٻوڏ جي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄو ملڪ گڏ آهي، سمورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : bolão quina