شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ??يجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته م??حولياتي تباهين جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آهي، ايشيا پيسفڪ ??يجن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهو اسان ج?? لاءِ انتهائي ضروري موافقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ان منصوبي جي مقصدن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، درياجو ??حف?? ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرج?? ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.
اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ