اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ صرف عمران خان، ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀري?? ويا، ملڪ کي عمران خان لميٽڊ ڪمپني جي طور تي هلايو ??يو. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته گذريل چار سال وزيراعظم جو اختيار عوام کي بکيو، غريب ڪرڻ، معاشي تباهي ۽ ڪشمير فروشي لاءِ استعمال ٿيو، پيٽرول، بج??ي، گئس، دوائون، اٽو، کنڊ، پٽاٽا، بصر، تيل سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت مهانگو ڪيو ??يو، هن چيو ته سوچيل سمجهيل س??زش حڪمت عملي تحت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ??يو، عوام نالائقن، چورن ۽ مافيا کي موقعو نٿي ڏي، هي حقيقت سمجهن عوام سڀ ڄاڻي ٿي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز