سڪرنڊ – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول زرداري ووٽن جي فارمولي سان وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته پنجاب ۾ سندس مقبوليت رڳو 5 سيڪڙو آهي. سڪرنڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هاڻي پراڻن نعرن جي ڪشش ناهي رهي، ??يپ??زپارٽي پنهنجي مارچ ۾ رينٽ اي ڪار جو ميڙ کڻي گڏ هلي رهي آهي، ??يپ??زپارٽي سنڌ سرڪار جي بيساکين تي سياست ڪري رهي آهي، نام نهاد مارچ ۾ سنڌ پوليس، ايمبولينس، سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، بلاول کان معصومانا سوال آهي ته جتي وڃي ٿو شهر ڇو بند ڪرائي ڇڏي ٿو، جيڪڏهن عوامي مارچ آهي ته عوام کي ڇو پري رکيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته بلاول چوي ٿو ته منهنجي کيسي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آهي، پر گذريل ڏينهن انهن جي عدم اعتماد جي رٿ جي هوا نڪري وئي، چوڌري ڀائرن وزيراعظم سان تائيد کي ورجايو ۽ اسان جا باقي اتحادي به اسان سان گڏ آهن، تحريڪ انصاف جو ايم اين اي ڪنهن ??رو?? جو حصو نه آهي، تحريڪ انصاف ۾ عمران خان کانسواءِ ڪو ??رو?? نه آهي. مخالف ڌر وٽ نمب?? نه آهن، (ن) ليگي چونڊون چاهين ٿا ۽ ??يپ??زپارٽي وارا چونڊون نه ٿا چاهين. پرڏيهي وزير چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، يوڪرين سان ٽن ملڪن جون سرحدي حدون لڳن ٿيون جن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هيستائين هڪ هزار 132 ٻار بارڊر ڪراس ڪري چڪا آهن، ڪل 3 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هئا انهن مان ڪيترائي اڳ ۾ نڪري آيا هئا، جيڪي رهجي ويا انهن جا دستاويز تيا?? نه هئا ان لاءِ اهي رهجي ويا آهن، انهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان معاملي ?? غافل نه آهيون.
بلاول زرداري ووٽن جي فارمولي سان وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته پنجاب ۾ سندس مقبوليت رڳو 5 سيڪڙو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان