ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪي?? آهي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت جي دوران ماحول جي بهتري لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو. مزار ??ائ?? جي اڱڻ ۾ جناح اربن فاريسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي دور ۾ ايوان صدر ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا شهرين کي گهر جي درن تي فراهم ڪيا ويا آهن. ان کانپوءِ هڪ نئين سوچ تهت پنسلون سان گڏ ٻج لڳائي اسڪولن ۾ ورهايا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نه رڳو ٻوٽا ورهايا ويا آهن پر اسڪولن ۾ هر ڪلاس جي سطح تائين وڻڪاري دوران نوان لڳايا ??ين??ڙ ٻوٽن جي حفاظت جي ذميواري پڻ شاگردن کي ڏني وئي آهي. هن چيو ته شهر ۾ ڪاروباري، سماجي ذميواري جي بنياد تي 15 ايڪڙ زمين تي مياواڪي ٻيلو لڳائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران سڄ?? دنيا ۾ ماحول بهتر ٿي?? آهي جنهن جو مطلب آهي ته قدرت اسان کي ماحوليات جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جا اشارا ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا سياح غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي سياحتي جاين تي ڪچرو ??ڇلائي ڇڏين ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ئي نه پر عالمي سطح تي اهو هڪ مسئلو بڻجي چڪ?? آهي ۽ سياحتي جاين تي اڇلايو ??ين??ڙ ڪچري کي گڏ ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ هڪ مسئلو بڻجي چڪ?? آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت پنهنجي وڌيڪ بجيٽ دفاع تي خرچ ڪري ٿي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته حڪومت بجيٽ جو هڪ وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي.
پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ