اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ماضي جي ڪ??تاهين جي نتيجي ۾ اڄ عوام پيسجي رهي آهي، بجلي جا مهانگا منصوبا لڳايا ويا، پهچ ۽ ورڇ جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ سسٽم جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جي رخن کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهي?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شع??ي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. وزيراعظم کي بجلي جي موجوده قيمتن، گردشي قرضن ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڪ??ششن جي نتيجي ۾ جتي ٽيڪنيڪي ۽ غير ٽيڪنيڪي نقصانن ۾ گهٽتائي جو رجحان سامهون آي?? آهي اتي بجلي جي بلن جي وصولين ۾ به بهتري آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاسز (پهچ ۽ ورڇ) ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ڀرپور ڪوشش آهي ته پهچ ۽ ورڇ جي مد ۾ ٿيندڙ اصل نقصانن ۽ نيپرا پاران منظور ٿيل شرح جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ترين سطح تي آڻي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ وصولين کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ ٻن سالن ?? مقرر ڪيل ٽارگيٽ جي نتيجي ۾ تقريبن سوا ٽي سئو ارب روپين جي بهتري ايندي جنهن جو فائدو صارفين کي ميسر ايندو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم