ل??هو?? – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ زيتون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، زيتون جي ٻيلن سان خاموش انقلاب ايندو، گذريل 12 سالن ۾ ل??هو?? ۾ 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو ??هي، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ترقي جو راز ان جي ڊگهي مدي واري منصوبابندي آهي، بدقسمتي سان ماضي جون حڪومتون اليڪشن لاءِ ??نج سالن جو سوچينديون رهيون، ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي هلڻو پوندو، 10 ارب وڻ پوکڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽت??ئي ايندي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن ل??هو?? سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، لارنس گارڊن، جناح باغ جي ڪري سڄو شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ سان گڏ اسان ل??هو?? جي ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ ل??هو?? جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو ??هي، ان جا منفي اثر هاڻي سڀني جي سامهون آهن، فيبروري جي مهيني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آهي ته هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آهي جيڪا هڪ خاموش قاتل آ??ي، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض عام ٿي چڪو ??هي، عمران خان چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن سان آلودگي ۾ گهٽت??ئي ايندي.
الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی