اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مون سان لاڳاپي?? آڊيو ڳالهه ٻولهه ايڊٽ ٿيل ۽ مختلف لفظن کي ڳنڍي ٺاهي وئي آهي، هڪ مخصوص گروهه پنهنجي ارادن جي لاءِ ان کي سوشل ميڊيا تي پکيڙ?? رهيو آهي.