اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ همدردي ۽ احساس تي ٻڌل معاش??ي جي جوڙجڪ جي عزم کي ورجائ??ند?? چيو آهي ته اڄ جو پاڪستان هڪ نئون پاڪستان آهي جتي هر شهري بنا ڪنهن فرق جي ترقي ۽ خوشحالي سان همڪنار ٿي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري، پاڙيسري ملڪن سان براب??ي جي سطح تي دوستاڻن ۽ پرامن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، اسان جي امن جي خواه?? کي هرگز ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان پنهنجي دفاع جي لاءِ هر قدم کڻڻ جو حق رکي ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، 23 مارچ تي اسان جي ملي تاريخ جو اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن علامه اقبال جي تصور موجب پنهنجي منزل جو تعين ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز