گڏيل قومون-12 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي وڏي اڪثريت سان هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو، جنهن ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان قرارداد کي آمريڪا ۽ اسرائيل ر?? ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب جنرل اسيمبلي ۾ ان قرارداد جي حمايت ۾ 158 جڏهن ته مخالفت ۾ 9 وو?? وڌا ويا، جڏهن ته 13 ملڪن وو??نگ ۾ حصو نه ورتو. ٺهراءَ ۾ ترت ۽ غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي ۽ سمورن يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط آزادي تي زور ڏنو ويو آهي. ان قرارداد جو متن گذريل مهيني سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا پاران ويٽو ڪيل متن جهڙو آهي. اُن وقت آمريڪا پنهنجي اتحادي اسرائيل کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو هيو جيڪو اهو اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي. گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب سفير رابرٽ ووڊ آمريڪي موقف ورجائيندي چيو ته متن کي قبول ڪرڻ غلط هوندو. وو??نگ کان اڳ اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ سفير ڊيني ڊينن چيو ته اڄ اسمبلي جي سامهون پيش ڪيل قراردادون منطق کان مٿانهيون آهن، اڄ جو وو?? همدردي جو ناهي، اهو شراڪتداري لاءِ وو?? آهي. قرارداد ۾ غزه خاص طور تي ڪڙو چڙهيل اتر وارن علائقن جي شهرين لاءِ وسيع پيماني تي انساني امداد تا??ين فوري رسائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي درجنين ميمبرن وو??نگ کان اڳ اسمبلي کي خطاب ڪندي فلسطينين جي حمايت ڪئي.
گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور، آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مخالفت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ