گڏيل قومون – 31 مئي (اي پي پي) اي??مي توانائي جي عالمي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه چيو آهي، ته يوڪرين ۾ واقع يورپ جي سڀ کان وڏي اي??مي بجلي گهر جي صورتحال انتهائي نازڪ ۽ خطرناڪ ٿي چڪي آهي ۽ ان جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن. روس جي اخبار مطابق انٽرنيش??ل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريا نوگروسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو آهي، ته ذاپوريزيا نيوڪليئر پاور پلانٽ جي چوڌاري روس ۽ يوڪرين جي فوج جون سرگرميون مستقبل قريب ۾ تمام گهڻيو وڌي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان خوشقسمت آهيون جو اڃا تائين ڪو اي??مي حادثو ناهي ٿيو، پر موجوده صورتحال جاري رهي ته ڪنهن ڏينهن اسان جي خوشقسمتي ختم ٿي ويندي، انهي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي طاقت مطابق هر مم??ن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان خدشي کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. رافيل گروسي ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته زاپوريزيا اي??مي بجلي گهر طرف يا ان خلاف ڪنهن به قسم جو حملو نه ٿيڻ گهرجي، خاص طور تي ري ايڪٽرز، ٻارڻ جي خرچ ٿيل ذخيري ۽ اهلڪارن کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته اي??مي بجلي گهر کي ٽينڪن ۽ آرٽلري سسٽمز جهڙن وڏن هٿيارن جي ذخيري يا اڏي طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ان هنڌ کي فوجين کان پاڪ هئڻ گهرجي. هو گڏيل قومن ۾ روس جي ايلچي ويزيلي چيو آهي ته سندس ملڪ پلانٽ جي اي??مي ۽ فزيڪل حفاظت کي وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. هن خبردار ڪيو ته زاپوريزيا ۽ ويجهي شهر انرگودار تي ٿيل حملن جو سخت جواب ڏنو ويندو. هن يوڪرين جي حڪومت جي ان دعويٰ کي به رد ڪيو ته روس ان پلانٽ کي پنهنجي فوجين لاءِ ڍال طور استعمال ڪري رهيو آهي.
يوڪرين ۾ يورپ جي سڀ کان وڏي ايٽمي بجلي جي گهر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي چڪي آهي: آءِ اي اي اي جو سربراهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت