اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي ته محمد نواز شريف جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي عبوري فيصلي جي خلاف اپيل داخل نه ڪئي ويندي جڏهن ته ميرٽ جي بنياد تي ڪيس جي فيصلي تي حڪومت اپيل ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزي?? بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفن?? ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم معاشي انگن اکرن ۾ بهتري تي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو