اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽ?? گڏيل هدف ۽ مقصد حاصل ڪر?? لاءِ فنانشنل ايڪٽ ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) ۽ ٻين عالمي ا??ارن سان پاڪستان ج?? گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو آهي. 25 هين قومي سلامتي ڪميٽي جو 25 هون اجلاس وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ دفاع ۽ پرڏيهي معاملن جي وزير عبدالله حسين هارون، ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، گهرو وزير محمد اعظم خان، قانون ۽ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير سيد علي ظفر، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آرمي ا??ٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ ??حريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل ناصر خان جنجوعه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ن??يد مختار ۽ سينئر سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : گرم گرم