اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته م??ڪي معيشت کي بهتر ??ڻائي ئي روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي گفٽ يونيورسٽي گوجرانوالا جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي وزيراع??م چيو ته ماڻهن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان ئي ملڪ مستحڪم انداز ۾ ترقي ڪري ٿو، وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي غيررسمي انداز ۾ يونيورسٽي جي ڪميونيڪيشن شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. شاهد خاقان عباسي شاگردن پاران ڪيل سمورن سوالن جا جواب ڏنا ۽ شاگرد کي جمه??ري??، پاڪستان جي پارلياماني نظام ۽ حڪومتي ڍانچي جي ڪم ڪرڻ جي طريقي??ار کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق