واشنگٽن _ 23 جولاءِ (اي پي پي ) آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس پنهنجي چونڊ مهم جي شرو??ات ئي ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد سان ڪندي چيو آهي ته هوءَ آمريڪا ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چُونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي. اي ايف پي مطابق وليمنگٽن ڊيلاويئر ۾ واقع هيڊ ڪوارٽر ۾ پنهنجي حامين جي خطاب ۾ ڪملا هي??س اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت سخت لفظن جو استعمال ڪيو. صدر جوبائيڊن جي صدارتي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ بعد نامزدگي حاصل ڪندڙ ڪملا هي??س اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽس جي ڪاميابي لاءِ پر عزم آهي. چونڊ ڪارڪنن سان پنهنجي پهرين تقرير ۾ ڪملا هيرس ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو ته هوءَ ماضي ۾ هر قسم جي ڏوهارين جو مقابلو ڪري چڪي آهي. خيال رهي ته آمريڪا جي نائب صدر بڻجڻ کان اڳ ڪملا هي??س ڪيلفورنيا رياست جي چيف پراسيڪيوٽر طور ڪم ڪري چڪي آهي.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ