گڏيل قومون-05 جنوري (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادريءَ تي زور ڀريو آهي ته ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن تي غير ملڪي ق??ضي ۽ وحشياڻي ڏاڍ جي خاتمي لاءِ قدم کڻي، ڇاڪاڻ ته حق خوداراديت انهن جو بنيادي حق آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستنا جي مستقل ??مائندي منير اڪرم ڪشميرين جي حقِ خواراديت واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميرين جي حقن کي دٻائڻ تڪرارن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سبب بڻجي ٿو جهڙوڪ ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ آهي. نمائندي چيو ته عالمي برادري جي سڌيءَ ريت ۽ بنيادي ذميداري آهي هو ڀارت طرفان ڄمون ڪشمير ۽ اسرائيل طرفان فلسطين جي ماڻهن تي غير ملڪي ق??ضي ۽ وحشياڻي ڏاڍ کي ختم ڪرائي. نمائندي چيو ته ڪشميرين جي حق خوداراديت جي فراهميءَ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نه ٿيندو.
ڪشميرين جي حق خوداراديت جي فراهميءَ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نه ٿيندو: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقبل نمائندو منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری