اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??هرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ رياست جي رٽ قائم رکڻ اولين ترجيح آهي، پي ٽي آءِ احتجاج اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل سازش هئي، فائنل ڪال جي آڙ ۾ رت وهائڻ جي ناپاڪ منصوبابندي ڪئي وئي، وفاق تي ڪاهه لاءِ صوبي جي وسيلن جو بي دردي سان ا??تعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي فسادي ٽولي کان ملڪي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهي آهي، فيڪ وڊيوز جو سهارو ورتو پيو وڃي، غير قانوني رهندڙ افغانين ۽ ڏوهاري ماڻهو سندن ا??تجاج ۾ شامل هئا، احتجاج ڪندڙن وٽ جديد هٿيار موجود هئا جن کي ??ستعمال به ڪيو ويو، احتجاج دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ??هيد ۽ زخمي ڪيو ويو، مهذب دنيا ۾ ڪٿي به هٿياربند ماڻهن کي ??حتجاج جي اجازت ناهي هوندي، ج??هن به ڪو اهم موقعو هوندو آهي تڏهن اهي احتجاج جو سڏ ڇو ڏيندا، عوام پي ٽي آءِ جي ڏڦيڙ ۽ تشدد جي سياست رد ڪري ڇڏي آهي، غير قانوني احتجاج جي شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. گهرو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد خرم آغاز، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد چوڌري محمد علي رنڌاوا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون هلايون پيون ُوڃن، پي ٽي آءِ ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڪوڙو بيانيو بڻائي رهي آهي.شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس دوران به هنن ا??تجاج جو سڏ ڏنو، 2014ع ۾ به انهن جي ڌرڻي سبب چين جي وفد جو دورو 7 مهينن تائين دير جو شڪار رهيو، هنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جا دروازا ٽوڙيا، ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تي بي رحماڻو تشدد ڪيو، ان جو ڪهڙو سبب هو؟ هڪ مائينڊ سيٽ هو ته ڏنڊي جي زور تي رياست کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪرڻو آهي. هن چيو ته ??ياستون گوڏا ناهن کوڙينديون، رياست جتي پنهنجا باقي فرض سرانجام ڏيندي آهي اتي رياست جو ڪم رٽ قائم رکڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ به هوندو آهي. هن چيو ته ??سان وٽ انٽيليجنس رپورٽون هيون ته فائنل ڪال جي آڙ ۾ قتل ۽ غارت، رتوڇاڻ ۽ لاشن جي سياست ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته گهرو وزير جي بيان کي ??قيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو، افغانستان هڪ اسان جو پاڙيسري ۽ دوست ملڪ آهي، اسان افغانستان ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن جا خواهشمند آهيون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ??سلام آباد هاءِ ڪورٽ احتجاج کي ??ير قانوني قرار ڏنو، اسان کين مناسب جڳهه جي به آڇ ڪئي پر اهي ريڊ زون وڃڻ تي بضد هئا، انهن جو مقصد ڪهڙو هو؟ هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي لائيو ايمونيشن جي بلڪل اجازت نه هئي، لائيو ايمونيشن ۽ هٿيار انتشارين وٽ هو، ان حوالي سان پي ٽي آءِ پروپيگنڊا ڪئي، پي ٽي آءِ غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي وڊيوز ۽ جعلي تصويرن کي ڊي چوڪ جي مظاهري سان جوڙيو، ستم ظرفي ڏسو ته ڪرم ايجنسي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي لاشن جون تصويرون لڳائي چيو ويو ته ??هي اسلام آباد جا آهن. هن چيو ته پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتالن طرفان بيان اچي چڪا آهن ته ڪا به فوتگي ناهي ٿي، هن چيو ته فسادين انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جون وڊيوز موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي گرفتار شرپسندن چيو ته ??سان کي پئسا ڏنا ويا هئا، پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب معيشت کي 192 ارب روپين جو روزاني نقصان کڻڻو پيو، جيئن ئي اها صورتحال ختم ٿي ته ??سٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک جي حد پار ڪري وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ??ياستون ڪمزور ناهن هونديون، رياستون صرف پنهنجي شهرين جو خيال ڪنديو?? آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ??حافي مطيع الله جي حوالي سان ڪوشش آهي ته معاملا خوش اسلوبي سان طئي ٿي وڃن. صحافي اسان لاءِ قابل احترام آهن، اوهان جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته ڪنهن قانون ۾ ناهي لکيل ته ڪنهن کي گرفتار دهشتگرد کي ميڊيا جي سامهون آندو وڃي، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ??ڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته ??مورن نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري ڊجيٽل ميڊيا جو قانون آندو وڃي. هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شرپسندن ا??لام آباد جي 52 پوليس اهلڪارن کي ??خمي ڪيو، ج??هن ته مجموعي طور تي 192 اهلڪار زخمي ٿيا، جيڪي صرف پٿراءُ ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب زخمي ناهن ٿيا، انهن ۾ گهڻن کي گوليون به لڳيو?? آهن. هن چيو ته ??سلام آباد انتظاميه هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اسلام آباد جو امن امان برقرا رکڻ حڪومت ۽ انتظاميه جي ذميواري آهي. هن چيو ته ڪوڙ هر ڪوئي ٻڌڻ چاهي ٿو پر سچ ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اسان سچ ڳالهائيندا رهنداسين.
شهرين جو تحفظ ۽ رياست جي رٽ قائم رکڻ اولين ترجيح آهي،فائنل ڪال جي آڙ ۾ پي ٽي آءِ رت وهائڻ جي ناپاڪ منصوبابندي ڪئي، غير قانوني احتجاج جي شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت