اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بي??اروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وفد ۾ بي??اروس جو پرڏيهي وزير، توانائي وارو وزير، صحت، عدل ۽ انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن، هنگامي حالتن وارن وزير س??يت چيئرمين ملٽري انڊسٽري ڪميٽي شامل آهن، وفد ۾ بي??اورس جي 43 وڏيون ڪاروباري شخصتيون ب?? شامل آهن. گهرو وزير بي??اروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم ريجنڪوف ۽ توانائي واري وزير سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير چيو ته وفد کي اسلام آباد پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ ع??ام بي??اروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اڄ اچڻ جا منتظر آهيون. گهرو وزير چيو ته بي??اروس جي صدر جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان بي??اروس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بي??اروس سان لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار س??يت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔