رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شر??ت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو ٿي ويو. پنهنجي ٽن ڏينهن جي آذربائيجان جي دوري دو??ان وزيراعظم باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين (ڪوپ 29) ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شر??ت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب رياض جي انٽرنيشنل رائل ٽرمينل تي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي مضر ??ثرن ۾ ورتل ملڪن جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ منعقد ان اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شر??ت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم پاڪستان پا??ان منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شر??ت ڪندا. وزيراعظم ان سان گڏوگڏ تاجڪ صدر امام علي رحمان پا??ان گ??يش??ئرز جي تحفظ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي تقريب ”گ??يش??ئرز 2025ع: گ??يش??ئرز جي لاءِ قدم“ ۾ پڻ شر??ت ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پا??ان وڌندڙ عالمي گرمي پد تي منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شر??ت ڪرڻ سان گڏوگڏ آذربائيجان جي صدر پا??ان عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شر??ت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 ۾ شر??ت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاوتن پڻ ڪندو جتي نه رڳو گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر وزيراعظم پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطرن تي پڻ روشني وجهندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز