اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين حج پاليسي 2025ع جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو. سال 2025ع لاءِ پاڪستان جي حج جي ڪوٽا هڪ لک 79210 آهي، سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن لاءِ ڪوٽا جي ورڇ جو تناسب 50-50 سيڪڙو آهي. سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن لاءِ 89605 سيٽون رک??ون و??ون آهن. سرڪاري حج اسڪيم جا خرچ 10 لک 75 هزار رپين کان 11 لک 75 هزار رپين جي وچ ۾ هئڻ جي اميد آهي. سرڪاري اسڪيم لاءِ 2 لک رپين جي پهرين قسط حج درخواست سان گڏ جمع ڪرائڻ هوندي. ڪُڻن جي 10 ڏينهن اندر اندر 4 لک رپيا ۽ باقي رقم هڪ کان 10 فيبروري وچ ۾ جمع ڪرائڻ لازمي هوندو. سرڪاري حج اسڪيم ۾ اسپانسر شپ اسڪيم ۾ 5 هزار سيٽون مخصوص رک??ون ويون. اسپانسرشپ اسڪيم ۾ شموليت لاءِ بئنڪن چينل ذريعي پرڏيهه مان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ لازم هوندو. وفاقي وزير ڪالهه حج پاليسي 2025ع جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حج 2025ع جون تيار??ون مڪمل ڪ??ون و??ون آهن. سرڪاري حج اسڪيم جا خرچ 10 لک 75 هزار رپين کان 11 لک 75 هزارن جي وچ ۾ هئڻ جي اميد آهي. وفاقي وزير چيو ته سعودي حڪومت طرفان سال 25ع لاءِ پاڪستان جي مجموعي حج ڪوٽا هڪ لک 79210 رکي وئي آهي. سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن لاءِ ڪوٽا جي ورڇ جو تناسب 50-50 سيڪڙو يعني 89605 جي حساب سان رکيو ويو آهي. هن چيو ته نجي حج اسڪيم ۾ اسپانسرشپ لاءِ 30 هزار سيٽون رک??ون وينديون. سرڪاري اسپانسر شپ اسڪيم پهرين اچو پهرين حاصل ڪريو جي اصول تي ڪُنن کان ڇوٽ هوندي. سرڪاري حج اسڪيم لاءِ روايتي لانگ پيڪيج 38 کان 42 ڏينهن ۽ شارٽ پيڪيج 20 کان 25 ڏينهن تي ٻَڌل هوندو. وفاقي وزير چيو ته اسپانسرشپ اسڪيم ذريعي جمع ٿيل مٽاسٽا جو ناڻو صرف ۽ صرف سعودي عرب ۾ حج سان لاڳاپيل خرچن جي ادائيگيءَ لاءِ استعمال ٿيندو. هن چيو ته سعودي تعليم موجب هر منظم، نجي حج گروپ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار حاجين تي ٻَڌل هوندو جنهن جا ڪ??ترائي سبب آهن ان مان هڪ وڏو سبب هي آهي ته عام طور تي ائين ٿيندو هو ته ڪو 10-20 يا 100 ماڻهو وٺي ويندو هو ۽ اتي وڃي رهائش وٺڻ ۾ مشڪلاتون ڏسڻ??ون پوند??ون هيون، هن چيو ته جڏهن 2 هزار جو گروپ هوندو ته انهن کي جا??ون به بهتر ملنديون. وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻي نئين شيءِ شامل ڪئي وئي آهي ته حج دوران جيڪڏهن ڪو حاجي فوت ٿي وڃي ته 10 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو هو جنهن کي وڌائي 20 لک رپيا ڪ??و ويو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو وڏي پيماني تي زخمي ٿئي ٿو ته ان جي به رقم وڌائي 10 لک رپيا ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته يقينن حج آسان نه هوندو آهي ان ۾ مشڪلاتون به هوند??ون آهن پر گذريل سال جو حج ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر هو ۽ ان ڀيري اسان جي ڪوشش آهي ته ان کي اڃا به وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. وفاقي وزير چيو ته مڪه مڪرمه ۾ ڊبل بيڊ ۽ ٽرپل بيڊ رهائش جي سهولت لاءِ ترتيبوار 2 لک 20 هزار ۽ 75 هزار رپيا في درخواستگذار کي واڌ جمع ڪرائڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته ان سال سرڪاري حج اسڪيم تحت حج پانڌيئڙن کي هڪ نئين سهولت ڏني پئي وڃي جنهن سان عام ماڻهوءَ کي فائدو ٿيندو جيڪو رقم هڪ جاءِ تي جمع نٿو ڪرائي سگهي، ان سهولت تحت بقايائون 2 لک رپين جي پهرين قسط حج درخواست سان گڏ جمع ڪائڻي پوندي.وفاقي وزير چيو ته درخواستن جي وصولي جي آخري تاريخ کان پئسا واپس وٺڻ جي صورت ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ٿيندي جڏهن ته ڪُڻن کان پوءِ پهرين قسط واپس وٺڻ جي صورت ۾ 50 هزار رپيا ڪ??وتي ٿيندي ۽ ٽين قسط جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ 2 لک رپيا ڪ??وتي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته 10 فيبروريءَ کان پوءِ نه وڃڻ جي صورت ۾ باقي رقم واپس نه ٿيندي، درخواستگذار جي فوتگي جي صورت ۾ ڄاڻايل رقم ڪٽوتي جي عمل ۾ نه آندي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته هي هڪ سٺي ڳالهه آهي ته خرچ ناهن وڌايا حالانڪ پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ هر شيءِ جون قيمتون وڌ??ون آهن پر اسان گذريل سال جي سطح تي قيمتون برقرار رک??ون آهن. وفاقي وزير چيو ته گذريل حج جو سعودي حڪومت طرفان جيئن ئي ريفنڊ ملندو اسان هتي منتقل ڪنداسين، هن سال اسان نَون حج پانڌيئڙن کي ترجيح ڏئي رهيا آه??ون ۽ ڪُڻن ۾ نَون حج پانڌيئڙن جي نالن جي اچڻ جو امڪان به وڌيڪ آهي.
حج پاليسي 2025ع جو اعلان، حج ڪوٽا هڪ لک 79210 مقرر
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات