لاهور-25 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان بيلجيئم جي سف??ر چارلس ايڊ سبالڊوان ڊرگراچٽ ڊي رومرز وائل ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي بيلجيئم جي سفير پنجاب جي وزيراعليٰ سان عوام دوست پاليسين جي تعريف ۽ معاشي ويزن کي ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ ع??لم?? معيار جي مهارتن جي ٽريننگ ڏني پئي وڃي. پنجاب ۾ زرعي شعبي جي طريقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪ- بيلجيئم ٻه طرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسون ٿا، ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن کي نين بلندين تائين پهچائيندا، تعليم، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبي ۾ بيلجيئم سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. سف??ر چيو ته بيلجيئم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ڪنٽرول ۽ـ ماحول جي بهتريءَ لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم تعريف لائق آهن جنهن سان صوبي ۾ ڏور رس نتيجا حاصل ٿيندا.
پنجاب جي وزيراعليٰ سان بيلجيئم جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ