دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??نهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي دوري دوران اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل م??جب قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ وفدن جي سط?? تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. هو قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جو وفد پڻ ملاقات ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزيبيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي قطر جي دوري ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ الله تارڙ گڏ آهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ