اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اقتصادي معاملن بابت وفاقي وز??ر احد خان چيما بيلاروس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي ??يو آهي ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ شفاف نظام قائم ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي بيلاروس جي توانائيءَ واري وز??ر اليڪسي ڪوشنرنيڪو سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. احد خان چيما پاڪ- بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن ۾ شرڪت تي بيلاروس جي توانائيءَ واري وزير جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري حڪمت عملي 2025-2027ع کي اهم قرار ڏنو جيڪو پاڪستان جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ هڪ هاڪاري قدم آهي. هن بيلاروس سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ جو شفاف نظام قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ستين گڏيل وزارتي ڪميشن جي فيصلن تي عملدرآمد جي ع??م جو اظهار ڪيو ۽ ٽيڪسٽائل ??نڊسٽريءَ بابت مفاهمتي يادداشتن تي صحيح کي سٺي اڳڀرائي قرار ڏنو. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جو دؤرو ڪندو، جڏهن ته نومبر ۾ صدر مملڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس ويندو. بيلاروس جي وزير پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار تي راضپي جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل وزارتي ڪميشن جي فيصلن مان هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. هن زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو.
بيلاروس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي: وفاقي وزير احد چيما
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری