اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روس جي ??ائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ وفدن جي سطح تي پرڏيهي وزارت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ??رتو ۽ واپار، صنعت، توانائي، ڪنيڪٽيويٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم اوورچڪ جو ??ور?? وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر ولاديمير پيوٽن جي ??طرفن لاڳاپن جي ??وس، گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ??يزن جي تعميل ۾ ٿي رهيو آهي. روسي فيڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان جي ??ن ڏينهن جي ??ور?? تي ڪالهه اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. روسي نائب وزيراعظم پاڪستان جي ??ور?? دوران صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ روس جي نائب وزيراعظم وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن