راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي ف??رس?? جي بلوچست??ن جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا. آ??ِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 آگسٽ 2024ع جي وچ واري رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪيتريون ڪڌيون ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن عنصرن جي هدايت تي ڪئي ويندڙ انهن بزدلاڻي دهشتگردي جي ڪاررواين جو مقصد بلوچست??ن جي پرامن ماحول ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ هو، جن ۾ خاص طور تي موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلا ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. انهن واقعن جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا. موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن راڙاشم جي عام علائقي ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو جيڪي بلوچستان م پنهنجي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي ف??رس?? ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ جوابي ڪارروائي دوران 21 دهشتگردن کي ماريو جنهن سان مقامي آبادي جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو. جڏهن ته انهن ڪاررواين دوران 14 بهادر جو??ن جن ۾ 10 سيڪيورٽي ف??رس?? جا جوان ۽ 4 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل هئا، بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آ??ِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته انهن ڪڌي ۽ بزدلاڻي ڪاررواين جي منصوباسازن، ڏوهارين، سهولتڪارن ۽ معاونين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. پاڪست??ن جي سيڪيورٽي ف??رس?? ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ??وم سان گڏجي بلوچست??ن جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اس??ن جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون اس??ن جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena