اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي 5 آگسٽ 2019ع جي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن خلاف مذمتي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪ??ي ورتي جڏهن ته ايوان مطالبو ڪيو ته ڀارت ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪ??ي، انساني حقن جي جاري ڀڃڪڙين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي سنجيدگي سان عملدرآمد ڪ??ائي ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي ووٽنگ جي جمهوري طريقيڪار ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪري سگهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن خلاف ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، قرارداد ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ان ڳالهه کي اجاگر ڪ??ي ٿو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان کنيل هڪطرفي قدمن کي هرسال يوم استحصال طور ملهايو ويندو آهي جيڪو ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير تي پنهنجو ڏاڍ برقرار رکڻ جي ڀارتي ارادن کي ظاهر ڪ??ي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??ي ٿو. ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڄمون ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي اڃان تائين موجود پراڻي تڪرارن مان حل طلب هڪ مسئلو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون آهن، خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي جدوجهد جي پختي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڪشميري عوام جي همت ۽ ح??صلي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي رد ڪ??ڻ جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪ??ي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ان ڳالهه تي زور ڀري ٿو ته ڀارتي آئين جي تابع ڪو به سياسي عمل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خود اراديت واري حق جي استعمال جو متبادل نٿو ٿي سگهي، جهڙي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ لکين ڀارتي فوج جي موجودگي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن سان ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪري خطن مان هڪ بڻجي چڪو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪري ٿو ۽ هزارين ڪشميري سياسي قيدين جي مسلسل اسيري تي ڳڻتي جو اظهار ڪ??ي ٿو. هي ايوان اهڙي ڇوٽ جي مذمت ڪري ٿو جنهن سان ڀارتي فوج انصاف جي نفي ڪندڙ غاصباڻي قانونن تحت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري رکيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حوالي سان ڀارتي اڳواڻن جي انهن غير ذميواراڻي بيانن کي هي ايوان رد ڪ??ي ٿو جيڪي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن ۽ هي ته پاڪستاني قوم ڪنهن به جارحاڻي قدمن کي ناڪام بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪ??ي، انساني حقن جي جاري خلاف ورزين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي سنجيدگي سان عملدرآمد ڪ??ائي ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي ووٽنگ جي جمهوري طريقيڪار ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪري سگهي. اسپيڪر، قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن خلاف مذمتي قرارداد گڏيل طور تي منظور
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی