اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري دوران لاڀائتين بزنس ٽو بزنس ملاقاتن جي حوالي سان جامع پلان جوڙڻ ۽ ??ين?? انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ??ين?? صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري جي تيارين جي حوالي سان صبح 7 وڳي اهم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊيني??ر راڻا احسان افضل، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين ۾ مقرر پاڪستان جو سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته دوري دوران ٻنهي ملڪن جي لاڀائتين بزنس ٽو بزنس ملاقاتن جي حوالي سان جامع پلان جوڙيو وڃي. ??ين?? انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ??ين?? صنتعڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم چين ۾ مقرر پاڪستان جي سفير کي پاڪستاني ڪاروباري وفد کي چين ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي چين جي دوري جي تيارين بابت تفصي??ي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان صنعتڪارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جو هڪ وفد به وزيراعظم سان گڏ چين جي شهر شين زن ويندو. اهو وفد ??ين?? ڪاروباري برادري سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.
وزيراعظم پاران چين جي دوري دوران لاڀائتين بزنس ٽو بزنس ملاقاتن جي حوالي سان جامع پلان جوڙڻ ۽ چيني انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ