اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي ??ئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سمورن صوبن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت ??وج??انن کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار هنرمندي جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي اها تعليم آه?? جنهن سان ??وج????ن نسل پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ?? يونيورسٽي جي شروع کان هاڻي تائين جي ارتقائي سفر ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪاميابين تي روشني وڌي.
پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia