اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت واپار واري وزارت پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪئي. نگران وزيراعظم کي ملڪي روانگي واپار وڌا??ڻ جي لاءِ مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ واپار واري وزارت پاران ملڪ ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ امڪاني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي بهتر اسڪين??گ ۽ معائني جي صلاحيت بهتر بڻا??ڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت ٿ??ندڙ واپار جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ۽ قانوني رستن تان واپار جي فروغ لاء?? ڪيترائي قدم بحث هيٺ آيا. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت