اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڀا??ت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي منسوخ ڪندي چار سال گذري چڪا آهن، ان وقت کان وٺي هيستائين ڀا??ت ڪشميري عوام کي دٻائ?? جي لاءِ طاقت ۽ تشدد جي وحشياڻي استعمال جو سهارو ورتو آهي، ڀا??ت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪر?? جي لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف استحصال ڏهاڙي (5 آگسٽ) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀا??ت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي ڪمزور ڪر?? جي لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻ?? جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀا??ت جا تازا قدم ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي آبادي کي راءِ جي حق کان محروم ڪر?? جي ڪڌي ڀ??رت?? ارادي جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ ڀ??رت?? عملدارن چونڊ تڪن جي چونڊ حدبندي ڪئي آهي، لکين غيرڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ موجوده ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جي لاءِ لکين عارضي رهواسين کي پڻ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا قدم ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪر?? جي سوچيل سمجهيل ڀ??رت?? حڪمت عملي جو جز آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙن سمورن هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀا??ت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي پر بنيادي انساني حقن جي عالمي سطح تي مڃيل اصولن جي پڻ توهين آهي. هن چيو ته ڀا??ت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري رکيو آهي. ان مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀا??ت 7 ڏهاڪن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي قابض آهي ۽ ان عرصي ۾ فوجي گهيراءُ ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ جا چار سال به شامل آهن. انهن سمورن عملن جي باوجود ڀا??ت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ منصفاڻي جدوجهد وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان بيگناهه ڪشميرين جا ٽي نسل آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان جي باوجود اڄ به ڪشميري عوام ڀ??رت?? قابض فوج جي وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان انهن بهادر ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ انهن کي ڀ??رت?? قبضي کان آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجي مسلسل حمايت جو يقين ڏياري ٿو. هن چيو ته ڀا??ت ڪشميري عوام، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اها ناڪامي ڀا??ت جي هڪ ذميوار ميمبر رياست طور تي موقف کي سواليه نشان بڻائي ٿي. هن چيو ته ڀا??ت جو ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار هن پوري خطي جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جي جائز ۽ منصفاڻي مقصد جي اخلاقي، سياسي ۽ سف??رت?? حمايت جاري رکندو، اهو پاڪستان جو پنهنجي ڪشميري ڀا??رن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان انهن جو آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته ڀا??ت تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون۽ ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪطرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪر?? جي لاءِ زور ڏنو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن ۽ اهو ڀا??ت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بامعنيٰ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي.
ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania