اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اچڻ تي وزيراعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي معزز مهمان ??و استقبال ڪيو. بعد ۾ هن وفاقي ڪابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد نويد قمر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پنهنجي و??د جو چيني نائب وزيراعظم سان ??عارف ڪرايو. ان کانپوءِ چيني و??د جو وزيراعظم شهباز شريف سان ??عارف ڪرايو ويو. واضح رهي ته پاڪستان ??ڪومت جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان ??و دورو ڪري رهيو آهي. ان کان ??ڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي نائب وزيراعظم ۽ ??فد جو پاڪستان ??چڻ تي گرمجوشي سان ??ستقبال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس ??فد سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي و??د گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35
چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار