اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ان شيطانيت جي تدارڪ ??ي گڏيل حڪمت عم??ي ٺاهينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي کي مسلمان امت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان شيطانيت کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تورات، انجيل ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي مهم هلائينداسين. مقدس ڪتابن، هستين ۽ شعائر جي بي حرمتي اظهار جي نه دنيا کي مستقل آزار ڏيڻ جي آزادي آه??. ه?? چيو ته واقعن جو تسلسل ۽ ترتيب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ??هو اظهار نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجنڊا جو حصو آهي. پوري اسلامي دنيا ۽ مسيحي دنيا کي گڏجي ان سازش کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته شيطان جا پيروڪار ان ڪتاب جي بي حرمتي ڪري ره??ا آهن جنهن انسانن کي عزت ڏني، حق ۽ ره??مائي ڏني. تورات ۽ انجيل جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي سان بي حرمتي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ٿ??. ه?? چيو ته ??هو نفرت جو فروغ آهي جنهن جي عالمي قانون اجازت نه ٿو ڏي. مذهبي جذبا ڀڙڪائڻ، اشتعال انگيزي، دهشتگردي ۽ تشدد تي اتساهڻ جا اهي رويا دنيا جي امن جي لاءِ هاڃيڪار آهن. هن چيو ته اهي رويا قانوني ۽ اخلاقي ٻنهي لحاظ کان ئي شديد نفرت جوڳا ۽ مذمت جوڳا آهن.
وزيراعظم پاران سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب