اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??سان جي اکين 9 مئي جهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ انهن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن شرپسندن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته ??دانخواسته هي ملڪ نه بچندو، سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف آرمي ايڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ 9 مئي سانحي جي حوا??ي سان بحث ۾ حصو وٺندي وزيراعظم 9 مئي سانحي جي مذمت جي حوا??ي سان ايوان جي قرارداد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 9 مئي تي سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس هلايا ويندا. وزيراعظم چيو ته ميانوالي ايئر بيس تي جيڪو جهاز بيٺل هو اهو غريب عوام جي رت پگهر جي ڪمائي سان وطن جي دفاع لاءِ خريد ڪيو ويو هو، اتي انهن جٿن باهه لڳائي، اها سڌوسنئون ملڪ دشمني نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهڙا ڪيس آرمي ايڪٽ تحت هلايا ويندا. وزيراعظم واضح ڪيو ته ??ول ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪيس هلايا ويندا ۽ ڪا نئين قانونسازي نه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ??مران نيازي گذريل ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن سڌوسنئون ڪوڙ ڳالهايو. وزيراعظم شهباز شريف موجوده آرمي چيف ۽ ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي انهن جي عهدي تان هٽائڻ جي حوا??ي سان عمران خان جي ٽوئيٽ کي ڪوڙ ۽ دوکو قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته ??ها ڳالهه ان جي ذاتي ڄاڻ ۾ آهي ته ??ڏهن ان وقت جو ڊي جي آءِ ايس آءِ عمران خان وٽ پهتو ۽ ان کي حقيقتن جي بنياد تي ان جي گهرواريءَ جي ڪرپشن جا ثبوت فراهم ڪيا ته ??مران خان کي ڪاوڙ آئي ۽ باقي تاريخ جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته 60 ارب جي ڪرپشن کي توهان ڪٿي کڻي ويندا؟ سعودي ولي عهد جي نادر تحفي کي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو ۽ جعلي رسيد ڏني وئي، ان کان وڌيڪ هن قوم ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب سان سنگين مذاق ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ??ڏهن 60 ارب رپين جي ڪرپشن تي عمران خان کي نيب نوٽيس جاري ڪيو ته ??ن کي به ان جي ڄاڻ نه هئي، ان جي نتيجي ۾ 9 مئي تي جيڪا تباهي ٿي، اسان جي اکين اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، پنهنجي اقتدار ۾ عمران خان پوري اپوزيشن کي جعلي ڪيسن ذريعي ڀت سان لڳايو، جڏهن اپوزيشن جا ميمبر ڪوٽ لکپت جيل ۾ ويندا هئا ته ??اتي اناءَ جي تسڪين جي لاءِ عمران خان لاهور پهچندو هو ۽ هدايتون جاري ڪندو هو. وزيراعظم چيو ته 60 ارب رپيا قوم جو پئسو هو، اهي پئسا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ نه قومي خزاني ۾ اچڻ گهرجن ها، عمران خان ڪابينا کان زبردستي ان جي منظوري ورتي. وزيراعظم چيو ته ??مران خان آمريڪي سازش جو الزام هڻي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جون ڌڄيون اڏايون، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳاله?? وڌي وئي ته ??مريڪا سازش ڪري ان جي حڪومت ختم ڪئي، هاڻي عمران خان آمريڪا کان مدد گهري رهيو آهي، عمران خان پا??ست??ن جي پرڏيهي لاڳاپن کي برباد ڪري ڇڏيو، اُهو چين جيڪو هماليه وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، اهو چين جنهن جي – 20 جي سرينگر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪيو آهي انهي چين جي خلاف عمران خان الزام بازي ڪئي ۽ چيو ته ??ي پيڪ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪو به درد دل رکندڙ پا??ست??ني اهڙي قسم جي ڳالهه نه ٿو سوچي سگهي، آئون چيني قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿو جن هڪ ڀيرو ٻيهر پا??ست??ن جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته ??عودي عرب ۽ ترڪيءَ مان به سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ڪالهه منهنجي پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري سان به ڳالهه ٿي آهي ۽ ان سان پا??ست??ن جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير مون کي ٻڌايو ته ??ورتحال تي ان جي نظر آهي ۽ پوري دنيا کي اسان حقيقتن کان آگاهه ڪري رهيا آهيون، ٻن، ٻن ۽ ٽن ٽن ماڻهن تي ٻڌل وفد پڻ ٻاهر موڪلينداسين. وزيراعظم چيو ته هي قوم 9 مئي کي ڪڏهن به نه وساريندي، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر جن شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي، شهيدن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ قائداعظم هائوس کي راک بڻايو انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن انهن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته ??دانخواسته هي ملڪ نه بچندو. وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سدائين صبر ۽ تحمل سان دل ڏکوئيندڙ واقعن کي منهن ڏنو ۽ جمهوري طريقيڪار اختيار ڪيو. وزيراعظم چيو ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ قوم جي امانت آهي ۽ هو قوم جي امانت کي قوم کي واپس ڪندا.
اسان جي اکين 9 مئي جهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ انهن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔