پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن ريڊيو پا??ستان پشاور جي عمارت تي مڪمل منصوبابندي سان حملو ڪيو، اسان جي قيمتي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي، شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن سان ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ريڊيو پا??ستان پشاور جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر، وفاقي ۽ صوبائي وزير، مسلم ليگ (ن) جو سيڪريٽري اطلاعات، ضلعي انتظاميا جا آفيسر، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2014ع ۾ جهڙي طرح انهن ماڻهن پي ٽي وي تي حملو ڪيو هو، اهڙي طرح مڪمل منصوبابندي سان 9 مئي تي ريڊيو پا??ستان پشاور جي عمارت تي حملو ڪيو، 9 مئي تي گارڊز ۽ عملي شرپسندن کي روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر 10 مئي تي اهي شرپسند ۽ هٿياربند جٿا مڪمل منصوبابندي سان ٻيهر ريڊيو پا??ستان جي عمارت تي حملي آور ٿيا، انهن وٽ ڏنڊا ۽ پيٽرول هو، ضلعي انتظاميا ۽ ريڊيو پا??ستان جي عملي عمارت ک?? بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، ان دوران عملي جا ڪيترائي ماڻهو شديد زخمي پڻ ٿيا. واقعي جي ايف آءِ آر پڻ انهي ڏينهن داخل ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي عمارت به ٻيهر بڻجي ويندي ۽ ٽرانسميٽرز به لڳي ويندا پر اسان جي تاريخي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي حملي کانپوءِ اسان آرڪائيو کي ڊيجيٽل ڪري ڇڏيو هو، اهو ئي پراسيس ريڊيو پا??ستان ۾ به جاري هو. هن چيو ته اهڙي طرح جي ڏوهارين ۽ هٿياربند جٿن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ت?? سياسي احتجاج جي آڙ ۾ اهي ان ڏوهه کان آزاد ٿي ويندا ت?? ائين ممڪن نه آهي، 9 مئي ٻيهر نه ٿي ورجائي سگهجي، ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پا??ستان طاهر حسن ريڊيو پا??ستان پشاور جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات ک?? پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ننڍي کنڊ ۾ ريڊيو جو سفر 1927ع ۾ شروع ٿيو، 1935ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ريڊيو جو پهريون ٽرانسميٽر لڳايو ويو، 1947ع ۾ انهي ريڊيو پا??ستان جي وجود جو اعلان ڪيو. ريڊيو پا??ستان دهشتگردي جي خلاف جنگ سميت افغان وار ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، ريڊيو پا??ستان هن وقت 23 مقامي ۽ 11 عالمي ٻولين ۾ پنهنجي نشريات پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ان تاريخي ورثي کي رڳو 6 ڪلاڪن ۾ س??ڙي ختم ڪيو ويو، اسان جا ٽرانسميٽر ساڙيا ويا. 9 مئي تي چاغي جي يادگار کي ساڙيو ويو، ان کان اڳئين ڏينهن 10 مئي تي مڪمل منصوبابندي سان اهي ماڻهو هتي آيا ۽ عمارت ک?? باهه لڳائي ۽ ڦرلٽ ڪئي، اسان جي عملي کي زخمي ڪيو. هن چيو ته ريڊيو پا??ستان ضلعي انتظاميا، پا?? فوج سان گڏجي 25 ڪلاڪن ۾ پنهنجي نشريات ک?? بحال ڪيو. هن چيو ته پا??ستان جي عوام ۽ حڪومت هر سطح تي جهڙي طرح ريڊيو پا??ستان جو ساٿ ڏنو، سدائين ياد رکيو ويندو.
شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت تي مڪمل منصوبابندي سان حملو ڪيو، اسان جي قيمتي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria