اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سمورين ??شڪلاتن باوجود پاڪستان جو مس??قبل روشن آهي، جهڙي طرح سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو احترام ۽ برداشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برقرار رهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ ??ي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن وارين تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ برداشت کانسواءِ هڪٻئي جو احترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام جو بنياد آهي، منهنجي دعا آهي ته هي ماحول ج??ڪو هتي نظر آيو اهو سدائين ??ائم ۽ دائم رهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهي، رابطا ۽ شفافيت پارليامينٽ لاءِ اهميت رکندڙ آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سان وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿيندي، سينيٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي شرڪت بهترين ??دم آهي، ان سان عوام جو پارلياماني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته هي جمهوريت، پارليامينٽ، قانونسازن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ وقت آهي ان سان گڏوگڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت آهي، هن چيو ته 50 سال اڳ هن سينيٽ جو قيام پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب آهي ۽ ان سان وفاق پاڪستان کي استحڪام مليو، هن چيو ته موجوده چيئرمين سان گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ڏيون ٿا جنهن وفاق کي درپيش مس??لن جو هتي ذڪر ڪيو. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مس??قبل پنهنجي سامهون نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي محبوب وطن ۽ پنهنجي عوام لاء?? روشن مس??قبل نظر اچي رهيو آهي، ڪلمي جي بنياد تي حاصل ٿيل ملڪ کي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.
سمورين مشڪلاتن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آهي: وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت