اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽ??مي??يج??ين?? اٿارٽي جي چيئ??مي?? ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اين ڊي ايم اي چيئ??مي?? جمهوريه قازقستان طرفان وزيراعظم رليف فنڊ لاءِ عطئي تي شڪريو ادا ڪيو. هن ايندڙ سردي جي موسم دو??ان ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد جاري رکڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻوڏ 2022ع ۾ پاڪستان جي قومي ڪوششن جي صلاحيت وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آفتن جي خاتمي، آگاهي، تياري ۽ رليف، ريسڪيو ۽ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي مرحلن ۾ وڌيڪ ٻطرفي ۽ گهڻ رخو علائقائي تعاون قا??م ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو. قازقستان جي سفير تجويز پيش ڪئي ته قازقستان جي ايمرجنسي ريسپانس جي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئ??مي?? وچ ۾ شروعاتي آن لائين ملاقات بعد گڏيل تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ لاءِ قازقستان جي اعليٰ سطحي نمائندن جي وفد جو پاڪستان جي دو??ي جو اهتمام ڪيو ويندو.
اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان قازقستان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری