اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اق??ال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اق??ال هڪ تاريخ ساز شاعر، عظيم فلسفي ۽ مفڪر هو، سندس فلسفو خودي پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اق??ال خودي ??و ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته قوم عظيم شاعر ۽ مفڪر ڊاڪٽر علامه محمد اق??ال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اق??ال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت م??نت ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ