اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ??لا??ه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي ??لسلي ۾ ٻي تقريب ٿي، جنهن ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ريجن جي 55 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ملي نغمن جا مقابلا ٿيا. ججز جا فرض ڊاڪٽر عبد??لس??ار، ڊاڪٽر محمد قاسم ۽ ڊاڪٽر اسد منير ادا ڪيا. ان مقابلي ۾ 4 بهترين اميدوارن جي چونڊ ڪئي وئي جن جي وچ ۾ فائنل رائونڊ اپ جشن آزادي جي ??قريبن جي پڄاڻي تي منعقد ڪيو ويندو. گرينڊ مقابلي ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ترتيبوار 7 هزار، 5 هزار ۽ ٽي هزار ڪيش انعام ڏيندا، مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز راڻا طارق جاويد چيو ته ملي نغمن جي مقابلي جو بنيادي مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ هو. هن چيو ته شاگردن ملي نغمن ذريعي پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضياءَ ق??وم نئين نسل کي آزادي جو مفهوم سمجهائڻ جي لاءِ آگسٽ کي بطور آ??ادي مهينو ملهائڻ جي ??ه هدايت ڪئي هئي جنهن جي لاءِ رجسٽرار، راجا عمر يونس جي مشاورت ۽ ان جي ??رپرستي ۾ مختلف تقريبون ترتيب ڏنيون ويون آهن جن ۾ ملي نغمن، تقريرن، بيت بازي، پيٽنگ ۽ مضمون نويسي جا مقابلا شامل آهن.
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻي تقريب ٿي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ