اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن، صدين جي رشتن ۾ ڳنڍيل اهي لاڳاپا دنيا ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکن ٿا، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپاري ماپو ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ترڪي ج?? ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران انقره ۾ ”ٽي آر ٽي“ جي هيڊ آف اردو سروس ڊاڪٽر فرقان حميد کي خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن، هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب کي مڃيندڙ آهن، صدين جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن ان جي دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، شهباز شريف چيو ته مون جيئن ئي وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان حلف کنيو ته سڀ کان پهرين انهي رات ترڪي ج?? ??در ۽ منهنجي ڀاءُ، پاڪستان جي انتهائي شفيق ۽ تمام گهري دوست ??در اردوان ٽيليفون ڪندي مون کي وزارت اعظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اهو سندس دل جي ??هر??ين سان محبت جو اظهار آهي ج??هن جي لاءِ ذاتي طور تي ان جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته پاڪستان جي قوم ??در رجب طيب اردوان جي نه رڳو معترف آهي پر ترڪي ۽ پاڪستان جو جيڪو رشتو آهي اهو دنيا ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکي ٿو، انهن لاڳاپن کي ج??ڙڻ ۽ وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ منهنجو ترڪي ج?? دورو وڏو ڪارآمد ثابت ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪي ج?? واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته ??در اردوان ۽ سندس وزيرن سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپاري ماپو ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، هن وقت ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپاري ماپو صرف هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر آهي، اسان گذريل 75 سالن ۾ واپاري ماپو صرف 1.1 ارب ڊالر تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ايندڙ ٽن سالن ۾ ان جو پنج ارب ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻو آهي، اسان جي لاءِ هڪ چئلنيج آهي ۽ اسان انشاءُ ان چئلينج کي قبول ڪنداسين ۽ ان کي عملي شڪل ڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صدين کان جيڪي ??هر?? لاڳاپا قائم آهن بدقسمتي سان ان جي ج??لڪ واپاري ميدان ۾ نظر نٿي اچي، هن چيو ته واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سان پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري ج?? ڪلچر کي فروغ حاصل ٿيندو، ان لاءِ 5 ارب ڊالر جو هدف مقرر ڪيو آهي ان کي حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، وزيراعظم شهباز شريف سياحت جي شعبي ۾ ترڪي سان تعاون ڪرڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪي سان پنهنجي لاڳاپن کي 2018ع جي سطح تي جتي اسان ڇڏيو هو اتان کان اڳتي وٺي وينداسين، اسان وڏي تيزي سان گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏينداسين، هن چيو ته ترڪي ٻين شعبن وانگر سياحت جي شعبي ۾ به وڏا ڪمال ڏيک??ري?? آهن، اسان ٻنهي مل??ن جي ترقي ج?? راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين.
ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada