اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تحليل جي پيش نظر آئين جي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران احمد خان نيازي ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. اي??ان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏينهن جي اندر وزيراعظم ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڪنهن شخص کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪم??ٽي کي موڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪم??ٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشت??ل هوندي. ڪم??ٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هوندي. خط موجب آئين جي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪم??ٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وزيراعظم عمران احمد خان نيازي آئين جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وزيراعظم جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وزيراعظم جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.
صدر پاران نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ عمران احمد خان نيازي ۽ ميان محمد شهباز شريف کي خط
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena